سنڌ شناسي

سنڌ شناسي

سنڌ شناسي

سنڌ شناسي (ڪتاب): ليکڪ جيئل اوڏ جو هي ڪتاب سندس تحقيقي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي، جنهن جو مهاڳ ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي لکيو آهي. ان کانسواءِ ڪتاب تي غلام محمد لاکي، ڊاڪـٽـر راءِ محـمـد بروهـي، پروفيـسر عطاءُ الله ابـڙي، مخـتـيـار سـمــي، امام راشدي، راءِ قاضي، عنايت ميمڻ ۽ ٻين جا مختصر نوٽ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ جيئل اوڏ جا هي مضمون ۽ مقالا شامل آهن: ٿرڙي جي جنگ، سنڌوءَ جو سفر، سنڌ جا گاهه: هڪ تحقيقي جائزو، حال احوال جي رسم، سنڌي دائي لوڪ علاج، وڻ ٻوٽا، مذهب ۽ حڪمت، لاڙڪاڻي جا خفتي ۽ گوئر، ٻيلن جو تاريخي پسمنظر، اوڏ، ۽ سندن رسمون وغيره.
ڊيمي سائيز جي 237 صفحن جي هن ڪتاب ۾ ليکڪ پنهنجي خاندان ۽ واسطيدارن جون رنگين تصويرون به ڏنيون آهن. هي ڪتاب اتم پبليڪيشن لاڙڪاڻي، 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ان جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو